اسلام ۾ تصوّف جي پيدائش، اصول ۽ فرقا


01/06/2018

اسلام ۾ تصوّف جي پيدائش، اصول ۽ فرقا

بسم الله الرحمن الرحيم
تصوّف
اسلام ۾ تصوّف جي پيدائش، اصول ۽ فرقا
۽ شيعي عرفان
ترجمون، تهذيب ۽ اضافا: سيد حسين موسوي

 


اسلام ۾ فرقن جو وجود
عام طور ڏٺو ويو آهي ته دينن ۾ ڪن اختلافن سببان فرقا وجود ۾ ايندا آهن، اسلام ۾ پڻ ڪن بنيادي سببن جي ڪري فرقا وجود ۾ آيا آهن. اسلام ۾ فرقن جي وجود ۾ اچڻ جا سبب چار آهن:
1. سياسي بنياد:
سياسي يعني امامت و خلافت جي بنياد تي اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ ئي ٽي فرقا وجود ۾ آيا:
الف)  شيعہ،  ب)  سني  ت)  خارجي.
شيعہ مڪتب فڪر مطابق رسول اڪرم (ص) جي خلافت ۽ امت جي امامت ٽن شعبن تي مشتمل آهي: پهريون: ديني، علمي يا شرعي شعبو. ٻيون: سياسي يا حڪومتي شعبو ۽ ٽيون: روحاني، باطني يا معنوي شعبو. نبي اڪرم (ص) ۽ سندس جانشين يعني خليفہ جي ڪمن ۾ ڪو به فرق ناهي سواءِ ان جي ته نبي دين الله وٽان حاصل ڪندو آهي ۽ امام دين نبيءَ وٽان حاصل ڪندو آهي. نبي اڪرم (ص) وارا باقي سڀ ڪم امام کي پڻ ڪرڻا آهن يعني امام روحاني رهبر به آهي، ديني به ۽ سياسي به. انڪري امام کي علم، الهام ۽ عصمت جون خصوصي امتيازي خصوصيتون  هجڻ گھرجن. اهي خصوصيتون وري اهڙيون آهن، جيڪي عام انسان نٿو سڃاڻي سگھي ته ڪنهن ۾ آهن؟ انڪري امام جو انتخاب الله تعالى جي طرفان هجڻ گهرجي ڇو ته اهي خصوصيتون عطا ڪرڻ وارو اهو ئي آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ اهلسنت جي مڪتب فڪر جي مطابق، رسول اڪرم (ص) کانپوءِ امت کي ڪنهن به روحاني رهبر جي ضرورت ناهي، جڏهن تي ديني شعبي ۾ رسول اڪرم (ص) جا سڀئي صحابي سندن جانشين آهن، جنهن کان به دين وٺي عمل ڪجي ته هدايت ملندي. انڪري رسول اڪرم (ص) جو خليفو صرف ۽ صرف سياسي شعبي ۾ کپي ٿو. ٻين لفظن ۾ امت جو امام امت جو صرف سياسي رهبر هوندو، انڪري ان کي علم، الهام ۽ عصمت جهڙين امتيازي خصوصيتن جي ڪا ضرورت ناهي ۽ ان جو انتخاب امت خود ڪندي.
انهن ٻنهي جي ڀيٽ ۾ خارجين جو چوڻ آهي ته امت کي امام جي ڪا ضرورت ناهي بلڪ امام امت ۾ فساد جو سبب آهي. خارجين جا به مختلف فرقا وجود ۾ آيا جن مان اڄ صرف هڪ فرقو اباضي رهجي ويو آهي ۽ ملڪ عُمان جو سرڪاري مذهب اباضي آهي ۽ امامت جي ضروري هجڻ جو قائل آهي.
شيعن ۾ جيڪي به فرقا وجود ۾ آيا انهن سڀني جو بنياد سياسي آهي، يعني اهي امامت جي موضوع  ۾ اختلاف سببان وجود ۾ آيا آهن. انهن مان هن وقت صرف ٽي فرقا باقي آهن. 1. اثناعشريہ: اڪثريت انهن جي ئي آهي، اهي ٻارنهن امامن حضرت علي (ع) کان وٺي امام مهدي (ع) جا قائل آهن. 2. زيديہ: جيڪي اثنا عشري شيعن سان امام زين العابدين (ع) تائين گڏ آهن. پر انهن کان پوءِ جدا ٿين ٿا ۽ امام باقر (ع) جي مقابلي ۾ سندن ڀاءُ حضرت زيد کي امام مڃن ٿا، انهن جي امامت جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ اهي ملڪ يمن ۾ رهن ٿا اتر يمن ۾ سندن حڪومت 280 هجريءَ کان 1960ع تائين جاري هئي. 3. اسماعيليہ: جيڪي اثنا عشري فرقي سان امام جعفر صادق (ع) تائين گڏ آهن ۽ انهن کان پوءِ جدا ٿين ٿا، امام موسى ڪاظم (ع) جي مقابلي ۾ سندن ئي ڀاءُ حضرت اسماعيل کي امام مڃن ٿا. انهن جي امامت جو سلسلو به اڄ تائين جاري آهي، انهن مصر ۾ حڪومت قائم ڪئي هئي جيڪا صدين تائين جاري رهي. سلطان صلاح الدين ايوبي انهن جي حڪومت تي حملو ڪري، انهن جي حڪومت ختم ڪئي ته اهي پکڙجي ويا. هن وقت انهن جا ٻه فرقا برصغير ۽ دنيا جي ڪجھ ملڪن ۾ موجود آهن. 1. آغا خاني ۽ 2. بوهره.
2. عقايدي بنياد:
اهلسنت ۾ وري عقايد جي بنياد تي فرقا وجود ۾  آيا، شروعاتي صدين ۾ چار بنيادي فرقا وجود ۾ آيا 1. اهلحديث، جنهن جو باني امام حسن بصري آهي، 2. معتزلہ، جنهن جو باني امام واصل بن عطاء آهي، 3. اشعريہ، جنهن جو باني امام ابوالحسن اشعري آهي ۽ 4. ماتريديہ، جنهن جو باني امام ابو حنيفہ نعمان بن ثابت آهي.
اٺين صدي هجريءَ ۾ امام ابن تيميہ، سلفي تحريڪ کي هڪ مڪتب ۾ بدلائي سلفيہ فرقي جو بنياد رکيو، جيڪو اڳتي هلي امام محمد بن عبد الوهاب جي ذريعي نافذ ٿيڻ شروع ٿيو ته ان جو نالو وهابيہ پئجي ويو.
بر صغير ۾ وري اهلسنت جا ٻه فرقا هڪٻئي جي مد مقابل اچڻ سببان اهميت رکن ٿا: ديوبندي، جيڪي ديوبند مدرسي جي باني امام محمد قاسم نانوتوي جي عقايد جا حامي آهن ديوبندي وهابيت جي قريب آهن ۽ ٻيو بريلوي، جيڪي راءِ بريلي جي مدرسي جي باني امام احمد رضا خان جي عقايد جا حامي آهن.
3. فقهي بنياد:
اهلسنت ۾ ٽين طرح جا فرقا وري فقهي مسائل ۾ اختلاف جي بنياد تي وجود ۾ آيا. پهريان ته ڪيترا ئي فقهي امام اهلسنت ۾ وجود ۾ آيا، جن جي انهن جي زندگيءَ ۾ ۽ سندن وفات کانپوءِ تقليد ڪئي ويندي هئي. ليڪن عباسي بادشاهه جي حڪم تحت ٻين سڀني امامن کي ڇڏي صرف چئن امامن جي فقهن جي پيروي جي اجازت ڏني وئي. 1. حنفيہ: جيڪي امام ابو حنيفہ نعمان بن ثابت جا مُقلِد آهن.  2. مالڪيہ: جيڪي امام مالڪ بن انس جا مقلِد آهن. 3. حنبليہ: جيڪي امام احمد بن حنبل جا مقلِد آهن. 4. شافعيہ: جيڪي امام محمد بن ادريس شافعي جا مقلِد آهن. جڏهن ته انهن چئني جي مقابلي ۾ وري اهڙا به آهن جيڪي قرآن و سنت کي ماخذ قرار ڏئي پاڻ مسائل معلوم ڪرڻ جا قائل آهن، انهن کي غير مقلد چيو ٿو وڃي ۽ عام طور انهن کي اهل حديث چيو ويندو آهي.
4. اخلاقي زهد:
اسلامي دنيا ۾ چوٿين تقسيم اسلام جي اخلاقي تعليم جي هڪ عنصر زهد جي بنياد تي ٿي آهي. زهد جي هڪ خاص تصور رکندڙن کي ”صوفي“ چيو ٿو وڃي.
تصوف اسلام ۾نه ئي ڪو سياسي فرقو آهي، نه عقيدتي، نه فقهي. بلڪ تصوف جو بيناد زهد جي مخصوص تعبير تي آهي. انڪري هن فرقي جو فرق ٻين مسلمانن کان صرف اخلاق جي بنياد تي آهي، جنهن کي اڳتي هلي اسان وضاحت سان بيان ڪندا سين.
تصوف جا اسلامي دنيا تي اثر
تصوف جا اسلامي دنيا جي ماڻهن تي ٻن قسمن جا مثت اثر ۽ ڪجھ منفي اثر رهيا آهن:
1. نا اميديءَ کان نجات:
جڏهن دنيا تي قبضي جي نيت سان مغلن چنگيز خان ۽ هولاڪو خان جي سرڪردگيءَ ۾ مسلمانن تي حملو ڪيو ۽ بغداد سميت مسلمانن جا ڪيترائي شهر تباهه ۽ ويران ڪيا ويا ته مسلمانن جو نااميديءَ ۾ وڃڻ طبيعي عمل هيو پر ان دور ۾ تصوف مسلمانن کي توڪل ذريعي اسلامي ايمانيات کي مسلمانن ۾ باقي رکيو هيو.
2. اسلام جي تبليغ:
تصوف جي مختلف سلسلن سببان اسلام جي تبليغ اولهه پاسي، مغربي آفريقا جي اندر تائين ۽ اوڀر پاسي برصغير، چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ٿي آهي ۽ شرعات ۾ اسلام انهن علائقن ۾ تصوف ذريعي ئي پهتو آهي.
3. منفي اثرات:
تصوف جا اسلامي دنيا تي منفي اثر پڻ پيا آهن، جنهن ۾ انحرافي عقيدا، بدعتون ۽ اهي تصوف جون رسمون ۽ رواج آهن، جن جو اتو پتو اسلامي سنت ۾ نٿو ملي. مثلاً: خانقاهه ٺاهڻ، وجد ۽ سماع جو محفلون ۽ شطحيات جو دعوائون ۽ اسلام جي شرعي حڪمن جي نافرماني وغيرهه.
 

 
 
Follow Us On:
share on facebook
share on twitter
share on google plus
print this
 
ہائر ایجوکیشن موٹیویشن اینڈ گائنڈنس پروگرام
اصغریہ پاکستان
قرآن کریم
Copyright © 2017 . جملہ حقوق محفوظ ہیں
Designed and Developed By: ICreativez