حسيني تحريڪ ۽ جديد سياسي اصطلاحات


01/10/2018

حسيني تحريڪ ۽ جديد سياسي اصطلاحات 


ڪنهن به اهڙي تحريڪ کي سمجھڻ لاءِ، جنهن کي عرصو گذري چڪو آهي، سڀ کان پهريان ان تحريڪ جي ٻوليءَ کي جديد ٻوليءَ ۾ تبديل ڪرڻ لازمي هوندو آهي. انجو سبب هيءُ آهي ته ماضيءَ جا اصطلاح متروڪ به ٿي ويندا آهن ته ڪڏهن وري ٻي معنى پڻ اختيار ڪري سگھن ٿا. ان تحريڪ جي حقيقت کي انهن پراڻن اصطلاحن ذريعي بيان ڪيو ويندو ته نه صرف انکي سمجھي نٿو سگھجي بلڪ انسان ان تحريڪ کي غلط معنى پڻ پهرائي سگھي ٿو.
اسلامي دنيا اندر ماضيءَ ۾ ڪجهه تحريڪون امربامعروف ۽ نهي عن المنڪر جي نالي ۽ نعري هيٺ هليون آهن، جن کي مسلط بادشاهتن سختيءَ سان ڪچليو آهي. انهن تحريڪن کي ان اصطلاح سان هن دور ۾ هرگز نٿو سمجھي سگھجي ڇو ته هن دور جو عام ماڻهو امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي نصيحت سمجھي ٿو. انڪري حيران به ٿئي ٿو ته اهڙين بي ضرر تحريڪن کي ڇو ڪچليو ويو؟.
انڪري اسان چاهيون ٿا ته امام حسين (ع) جي تحريڪ کي پڻ سمجھي انکي جديد اصطلاحن ۾ پيش ڪريون ته جيئن اڄ جوانسان ان جي حقيقت سمجھي سگهي. ان سلسلي ۾ اسان امام حسين (ع) جا ڪجھ خطبا ۽ قول زير بحث آڻي ان تحريڪ جي حقيقت سمجھنداسين ۽ انکي نون اصطلاحن ۾ پيش ڪندا سين. سڀ کان اول اسان امام حسين (ع) جي اها لکت پيش ڪريون ٿا، جيڪا پاڻ(ع)مديني مان نڪرندي، حضرت محمد حنفيہ کي لکي ڏني هيائون. پاڻ ان ۾ فرمائن ٿا:
اِنِّيۡ لَمۡ اَخۡرُجۡ اَشِراً، وَلَابَطِراً، وَلَا مُفۡسِداً، وَلَا ظَالِماً، وَاِنَّمَا خَرَجۡتُ لِطَلَبِ الۡاِصۡلَاحِ فِيۡ اُمُّةِ جَدِّيۡ، اُرِيۡدُ اَنۡ آمُرَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَاَنۡهَى عَنِ الۡمُنۡکَرِ، وَاَسِيۡرُ بِسِيۡرَةِ جَدِّيۡ وَاَبِيۡ عَلِى بۡنِ اَبِيۡ طَالِب عَلَيۡهِمَا السَّلام. (بحار الانوار)
مان شرارت، تڪبر، فساد ۽ ظلم خاطر نٿو نڪران. مان ته صرف پنهنجي نانا جي امت جي اصلاح خاطر نڪران ٿو، منهنجو ارادو امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪرڻ جو آهي ۽ مان پنهنجي نانا ۽ بابا جي سيرت تي هلڻ چاهيان ٿو.
هن فرمان ۾ امام حسين(ع) پنهنجي تحريڪ جو مقصد امت جي اصلاح ٻڌائن ٿا ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ طريقو ۽ رستو امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر بيان ٿا ڪن، جڏهن ته وري ان طريقہ ڪار ۾ خصوصيت پنهنجي نانا ۽ بابا جي سيرت مطابق امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪرڻ ٻڌائن ٿا.
ان لحاظ کان امام حسين(ع) جي تحريڪ کي هن طرح بيان ڪري سگھجي ٿو:
مقصد: امت جي اصلاح.
طريقو: امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر.
خصوصيت: سيرت نبي ۽ سيرت علي تي هلڻ
ليڪن اهي سڀ پراڻا اصطلاح آهن ۽ اڄ جي دور ۾ واضح ۽ صحيح صورتحال پيش ڪرڻ کان قاصر آهن. ڇو ته هن دور ۾ اصلاحي تحريڪ عام طور تي اهڙي سماجي ڀلائيءَ جي تحريڪ کي چيو ٿو وڃي جيڪا سياسي سسٽم ۽ نظام جي بنيادي جوڙجڪ کي قائم رکندي، معاشري ۾ موجود مرضن جو علاج ڪري ۽ ماڻهن جون هڪ حد تائين ضروريات پوريون ڪري. انڪري ايمبوليس سروس يا خيراتي اسپتال وغيره جهڙن ڪمن کي اصلاحي ڪم چيا ٿا وڃن. اصلاح جي ان معنى کي آڏو رکجي ته پوءِ امام حسين(ع) جي تحريڪ اصلاحي ان معنى ۾ ٿيندي ته امام حسين(ع) چاهيو پئي ته يزيدي بادشاهت کي قائم رکندي ملڪ ۾ موجود مسئلن کي پنهنجي حد تائين حل ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪوبه حسينيت شناس مفڪر ان مفهوم کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
اڄ جي دور ۾ امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي معنى نصيحت ورتي ٿي وڃي، هاڻي مقصد ۽ طريقہ ڪار کي پاڻ ۾ ملائجي ته هي نتيجو ٿو نڪري ته امام(ع) سماجي ڀلائيءَ جو ڪم نصيحت ذريعي ڪرڻ پئي گھريو. سيرت نبي ۽ سيرت علي مطابق نصيحت ڪرڻ مان مراد عام نموني اها ورتي ويندي ته امام حسين(ع) پيار ۽ احترام سان نصيحت ڪرڻ پئي گھري ته: اي! مالدارو عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪريو.
ان مان معلوم ٿو ٿئي ته اهي پراڻا اصطلاح اسان وٽ معنى مٽائي چڪا آهن، انڪري انهن اصطلاحن ذريعي اسان هن تحريڪ جي حقيقت کي نٿا سمجھي سگھون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن اصطلاحن جي قديمي معنى ڪري پوءِ انهن کي جديد اصطلاحن ۾ بيان ڪجي.
اصلاح:
پهريون سوال هي آهي ته امام حسين (ع) ڪهڙي اصلاح ڪرڻ پئي گھري، ذو حسم جي مقام تي جڏهن امام حسين (ع) جي ملاقات حر جي لشڪر سان ٿي ته عصر جي نماز کانپوءِ امام (ع) خطاب ڪندي فرمايو:
اما بعد ايها الناس فانکم ان تتقوا الله وتعرفوا الحق لاهلہ، يکن ارضى لله عنکم، ونحن اهل بيت محمد اولى بولاية هذا الامر عليکم من هٰولاء المدعين ما ليس لهم. (بحارالانوار)
(حمد ۽ ثنا) کانپوء، اي انسانؤ! جيڪڏهن الله جي نافرمانيءَ کان بچو ۽ حقدارن جو حق سڃاڻو ته اوهانتي الله جي رضا ٿيندي، اسان محمد(ع) جا اهلبيت(ع) اوهانجي هن حڪومت جا وڌيڪ حقدار آهيون، هنن دعويدارن کان جن کي ڪو به حق ناهي.
ان مان معلوم ٿو ٿئي ته امام(ع) سياسي سسٽم ۽ نظام کي قائم رکندي، سماجي ڀلائيءَ وارو اصلاحي ڪم نه پئي ڪرڻ چاهيو. بلڪ سسٽم جي تبديلي پئي گھري ۽ بادشاهت مان الاهي نظام حڪومت يعني امامت جي نظام لاءِ ڪوشش پئي ڪئي. معلوم ٿيو ته امام(ع) جي تحريڪ مقصد جي لحاظ کان اصلاحي هجڻ جو مطلب سماجي ڀلائي (Social work) نه پر نظام جي تبديلي (Change of system) هيو، انڪري انکي انقلابي تحريڪ پڻ چئي سگھجي ٿو.
امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر:
مقصد جي حوالي سان ته اسان اصلاح جو جديد اصطلاحي ترجمو ڪري چڪا آهيون هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان مقصدکي حاصل ڪرڻ لاءِ امام(ع) جنهن ذريعي ۽ وسيلي يعني امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي استعمال ڪن ٿا، انجو به جديد سياسي ٻوليءَ ۽ ترجمون ڪيو وڃي. ان لاءِ اسان امام حسين(ع) جو هڪ خطبو پيش ڪريون ٿا:
مقام بيضہ تي امام(ع) حر جي لشڪر کي خطاب ڪندي فرمائن ٿا:
من راى سلطانا جائرا مستحلا لحرم الله، ناکثا لعهد الله، مخالفا لسنة رسول الله، يعمل في عباد الله بالاثم والعدوان فلم يغير عليہ بفعل ولا قول، کان حقا على الله ان يدخل مدخلہ. الا وان هولاء قد لزموا طاعة الشيطان، وترکوا طاعة الرحمن، واظهروا الفساد، وعطلوا الحدود، واستاثروا بالفئ، واحلوا حرام الله، وحرموا حلال الله، وانا احق من غير.(بحارالانوار)
جيڪو به انسان ڪنهن ظلم حڪمران کي ڏسي ته: الله جي حرام کي حلال ڪري رهيو آهي ۽ الله سان ڪيل وعدا ٽوڙي ٿو، رسول الله جي طريقہ حڪومت جو مخالف آهي، ماڻهن ۾ گناهه ۽ ظلم سان حڪومت هلائي ٿو. پوءِ جيڪو فعل يا قول سان انکي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪري ته الله تي حق آهي ته ان (خاموش انسان) کي ظالم بادشاهه جو جڳہ (جهنم) ۾ داخل ڪري. ڄاڻي ڇڏيو هنن شيطان جي اطاعت پاڻ تي لازم ڪئي آهي، رحمان جي اطاعت ڇڏي ڏني آهي، فساد کي ظاهر ڪيو آهي، الله جا مقرر قانون معطل ڪري ڇڏيا آهن، قومي دولت تي قبضو ڪيو آهي، الله جي حرام کي حلال ڪيو آهي، الله جي حلال کي حرام ڪيو آهي، تبديلي آڻڻ لاءِ مان ٻين کان وڏيڪ حقدار آهيان.
هن خطبي ۾ امام حسين عليہ السلام امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي ”صورتحال کي فعل ۽ قول سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ“ جي لفظن سان بيان ڪيو آهي، يعني برائي ۽ ظلم آڏو مزاحمت ڪرڻ. هاڻي امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي لاءِ هڪ جديد اصطلاح پڻ اسان استعمال ڪري سگھون ٿا يعني”ظلم خلاف مزاحمت ڪرڻ“. انڪري طريقہ ڪار جي لحاظ کان امام(ع) جي تحريڪ هڪ مزاحمتي تحريڪ آهي. مزاحمت جي طبيعت هن طرح هوندي آهي ته پهريان پاڻ خود ڪمزور هوندي آهي پر ظلم آڏو مزاحمت هنکي پختو ۽ مضبوط ڪندي رهندي آهي. ٻئي پاسي وري مخالف فريق کي ڪمزور ڪندي رهندي آهي. پوءِ هڪ اهڙو وقت به ايندو آهي جڏهن مزاحمتي تحريڪ، مخالف فريق کان مضبوط ٿي حاوي ٿي ويندي آهي. امام (ع) جي مقصد ۽ طريقہ کي ملائڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته امام(ع) ظلم خلاف مزاحمتي تحريڪ ذريعي، امت تي مسلط نظام، بادشاهت کي تبديل ڪري امامت جو نظام آڻڻ تي چاهيو.
سيرت نبي و وصي:
امام(ع) فرمائن ٿا ته مان امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر يعني برائي ۽ ظلم خلاف مزاحمت ائين ڪرڻ چاهيان ٿو جيئن منهنجي نانا رسول الله(ص) ۽ بابا علي (ع) ڪئي هئي. اهي ٻئي شخصيتون پنهنجي پوري تحريڪ ۾ ديني اصولن جن پابند هيون ۽ مقدس هدف جي جائز وسيلي سان حاصل ڪرڻ جون پابند رهيون آهي. ائين ناهي ته مقدس مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ذريعو استعمال ڪيو هجين. امام (ع) پڻ ٻڌائن ٿا ته مان به انهن جي سيرت تي هلندي ظلم خلاف مذاحمتي تحريڪ ۾ جائز ذريعا استعمال ڪندس.
هاڻي اسانجي سامهون امام(ع) جي تحريڪ جديد اصطلاحن ۾ آڏو اچي چڪي آهي ۽ انکي سمجھڻ هن دور جي انسان لاءِ آسان ٿي پيو آهي.
حسيني تحريڪ:
مقصد: نظام جي تبديلي.
طريقو: مزاحمتي تحريڪ.
خصوصيت: جائز ذريعا استعمال ڪرڻ.
والسلام عليڪم و رحمة الله

 
 
Follow Us On:
share on facebook
share on twitter
share on google plus
print this
 
ہائر ایجوکیشن موٹیویشن اینڈ گائنڈنس پروگرام
اصغریہ پاکستان
قرآن کریم
Copyright © 2017 . جملہ حقوق محفوظ ہیں
Designed and Developed By: ICreativez